اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسح??ق ڊار چيو آهي ته پا??ستان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي، نو??وان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، پا??ستان جا نو??وان بي پناهه صلاحيتن سان مالامال آهن، ملڪ جي نو??وانن ۾ مثبت تبديلي جو سبب بڻجڻ جي اه??يت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تعليم هر ٻار ۽ نو??وان جو حق آهي، تعليم سان ملڪ جو مستقبل روشن ٿيندو. نائب وزيراعظم چيو ته سڀني ٻارن کي چو??دس ته سکڻ جي عمل کي سدائين جاري رکن. تخليق ۽ تعليم جي امتياز کي اختيار ڪري ترقي جا نو??ن رستا ڳولين. هن چيو ته اتحاد ۾ اسان جو مستقبل آهي، نفرت کي دفن ڪري ڇڏڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي دوري دوران ٻڌايو ويو ته ڪجهه بلوچ ناراض آهن، آئون چوان ٿو ته ڪو به پنهنجي ڌرتي ماءُ کان ناراض نه ٿو ٿي سگهي، پنهنجي مسئلن جو حل گڏجي ڳولين. جيتوڻيڪ ناراضگي جي نالي تي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي. محمد اسح??ق ڊار چيو ته نو??وان نسل محنت کي پنهنجي ترجيح بڻائين، حڪومت نو??وانن کي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي قيام جو مقصد نو??وانن کي بااختيار بڻائڻ به آهي. نو??وان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي عهد ۾ نو??وان حصيدار آهن. نائب وزيراعظم چيو ته 1998ع ۾ پا??ستان ائٽمي قوت بڻيو، اسان پنهنجي دفاع تي ڪڏهن به ٺاهه ناهي ڪيو. قومي مفاد اسان جي سڀ کان پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته اسان کي بي پناهه چئلينجز درپيش آهن، پا??ستان جو مستقبل اڄ جي نو??وانن جي هٿ ۾ آهي. 2013ع جي حڪومت ۾ پا??ستان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچايو، ان وقت پا??ستان بابت ڊيفالٽ جو چيو ويو پر پا??ستان دنيا جي اڀرندڙ معيشت بڻيو. محمد اسح??ق ڊار چيو ته پي ڊي ايم حڪومت پا??ستان کي بچائڻ جي لاءِ هئي، اسان جا دشمن چاهين ٿا ته پا??ستان کي معاشي طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته پا??ستان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي.
پاڪستان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania