اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريٽيلرز کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ٻ??ن طبقن تي ٽيڪس جو بار گهٽ ٿئي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪ??دي هن چيو ته اپريل ۾ رضاڪاراڻي رجسٽريشن تحت 75 واپارين رجسٽريشن ڪرائي هئي. مئي ۾ ايف بي آر 6 شهرن ۾ قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 31 هزار ريٽيلرز جي رجسٽريشن ٿي چڪي آ??ي. ??ي عمل جاري رهندو ۽ پهرين جول??ءِ کان ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو هن وقت 9 ٽريلين رپين جي ڪرنسي گردش هيٺ آهي، ڊجيٽائزيشن ذريعي معاملا درست ٿي سگهن ٿا. اسان جي ڪوشش آهي ته ڪيش ٽرانزڪشن کي گهٽ کان ??هٽ ۽ ختم ڪيو وڃي. پوائنٽ آف سيل رجسٽريشن جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر