اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود صوبائي حڪومت ??ي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن، صوبي جا مالي وسيلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙي، خيبر ??يڊ??ڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ??يڊ??ڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه جي معاملن بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود خيبرپختونخواهه حڪومت ??ي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهيون، اسان خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. نگ??ان وزيراعظم خيبرپختونخواهه صوبي جا مالي وسيلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن. نگ??ان وزيراعظم صوبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي. ڪميٽي نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙيندي. ڪميٽي جي سربراهي ناڻي ??ار?? وفاقي سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ منصوبابندي ??ار?? وفاقي سيڪريٽري، پاڻي وسيلن ??ار?? وفاقي سيڪريٽري ۽ پيٽروليم ??ار?? وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. نگ??ان وزيراعظم خيبر ??يڊ??ڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ??يڊ??ڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته نگ??ان حڪومت ??ذريل چئن مهينن ۾ هر شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن جن جو فائدو ملڪ ۽ قوم ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت ??ي ٿيندو. اجلاس ۾ ناڻي ??ار?? نگ??ان وفاقي ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي ??ار?? نگ??ان وفاقي وزير محمد علي، قانون ۽ پاڻي وسيلن ??ار?? نگ??ان وفاقي وزير احمد عرفان اسلم، خيبرپختونخواهه جي نگ??ان وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه، ناڻي ??ار?? نگ??ان صوبائي وزير اح??د رسول بنگش، نئين ضم ٿيل ضلعن بابت نگ??ان صوبائي وزير عامر عبدالله، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ