اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 2022ع ۾ اسود سمنڊ جي اناج رهداري جي تاريخي معاهدي کي حاصل ??رڻ ۾ ترڪيه جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي جنهن سان عالمي سطح تي روزمره ??ست??مال جي شين جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ترين طبقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بلاول ڀٽو چيو ته مان اڄ ترڪيه جي پرڏيهي وزير ۽ منهنجي ڀاءُ هاڪا?? فيدان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن 2022ع ۾ اسود سمنڊ جي اناج راهداري جي تاريخي معاهدي کي حاصل ??رڻ ۾ ترڪيه جي ڪردار جي تعريف ڪئي جنهن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ترين ماڻهن لاءِ عالمي روزمره جي ??ست??مال جي شين جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پرڏيهي وزير يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪارروائين جي به شديد مذمت ڪئي ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ترڪيه ۽ ٻين اسلامي رياستن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
اناج راهداري جي معاهدي کي محفوظ بنائڻ ۾ ترڪيه جو ڪردار تعريف جوڳو آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2