اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي مو??عي تي عالمي بئنڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز ايڪسل وين ٽراٽسنبرگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته کيس ڊيووس ۾ عالمي بئنڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز سان ملي خوشي ٿي، جنهن سان ملاقات دوران پاڪستان سان عالمي بئنڪ جي ڳالهه ٻولهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بئنڪ جي 2 ملين ڊالر جي واعدي کي ساراهيو. بلاول ڀٽو ??رد??ري چيو ته پاڪستان جي وڏي ترقياتي پارٽنر طور تي عالمي بئنڪ جو اهم ڪردار آهي. هن گڏيل هدف، پائيدار ترقي جي هدفن ۽ عالمي اقتصادي فورم 2023ع کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada