اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته و??ير??عظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو عرب مثالي دوستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو، چئن سالن جي گهٻراهٽ واري دور ک??نپوءِ پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? پاڪستان جي محسن ۽ سعودي عرب جي ولد عهد شهزاده محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي و??ير??عظم شهباز شريف اڄ خميس تي حجاز مقدس روانو ٿي رهيو آهي ۽ مدينه منوره پهچندو، هن چيو ت?? 28 کان 30 اپريل جو اهو دورو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد شهباز شريف جو پهريون غير ملڪي دورو آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن جي تجديد جو مظهر آهي ۽ مثالي دوستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو. هن چيو ت?? چئن سالن جي گهٻراهٽ جي دور ک??نپوءِ پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي، اس??حڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جو ٻيهر آغاز مبارڪ هجي، عمره جي سعادت ۽ روضه رسول پاڪ ﷺ تي درود پڙهڻ جون برڪتون اس??ن سان گڏ هونديون، سعودي عرب پاڪستان دوستي هميشه زنده باد.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو تاريخي باب کوليندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں