اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپ??تو??خوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گذريل سال پوري ملڪ مان سياحن جو رڪارڊ تعداد اترين علائقن ۽ خيبرپ??تو??خوا جو رخ ڪيو، سياحت جي شعبي جي ترقي سان ??وز??ار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان سان خيبرپ??تو??خوا جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپ??تو??خوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ خيبرپ??تو??خوا جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد بنگش ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپ??تو??خوا جي سياسي صورتحال ۽ سروس ڊليوري جي بهتري لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي سياحت جي فروغ لاءِ انفرااسٽرڪچر جي بهتري تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي. زيتون، زعفران، ٻير جي ماکي ۽ معدنيات جي حوالي سان صوبي جي قدرتي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن ۽ انهن شعبن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪ??ڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن