اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ذخيره اندوز?? ۽ ??اجائز منافع خوري جي خل??ف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڏيندي چيو ته شوگر ملن جي نگراني جي لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن کنڊ جي اصل پيداواري مقدار جو پتو لڳائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ کنڊ جي قيمت وڪرو ۽ ذخيره اندوزي جي خل??ف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، احتساب وارو ??لا??ڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر آفيسر موجود هئا جڏهن ته پنجاب جو صنعت وارو صوبائي وزير ميان اسلم اقبال ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم کنڊ جي ذخيره اندوز?? ۽ ??اجائز منافعي خوري جي خل??ف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته شوگر ملن جي نگراني لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سٽم لاڳو ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن کنڊ جي اصل پيداواري مقدار جي خبر پئجي سگهي، ناجائز منافعو ڪمائيندڙ غريب عوام جا دشمن آهن ۽ رياست انهن عنصرن جي خل??ف سخت ڪارروائي ڪندي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي آگاهه ڪيو ته صوبي ۾ کنڊ جي مقرر ڪيل وڪرو جي قيمت کي لاڳو ڪرڻ لاءِ سموري ضلعي انتظاميه کي نگراني ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، ان ڏس ۾ ذخيره اندوز?? ۽ ??اجائز منافعو ڪمائڻ ۾ ملوث ماڻهن جي خل??ف قانوني ڪارروائي جو عمل شروع آهي، ان کانسواءِ شوگر ملڪن ت?? سي سي ٽي وي ڪئميرا به لڳايا ويا آهن جنهن جي مدد سان ڪمند جو مقدار ۽ پيداوار ٿيل کنڊ جي نگراني ڪئي ويندي، سمورين شگر ملن مان ڪرشنگ جي دوران روزاني جي بنياد تي معلومات به جمع ڪئي ويندي.
وزيراعظم پاران ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن