صوابي– 05 آگ??ٽ (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، عالمي ??دارا ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺن پاڪ??تا?? دنيا ۾ تيزي سان ماحولياتي تب??يل??ن کان متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، خيبرپختونخوا حڪومت ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلين ٽري سونامي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو، بلين ٽري سونامي منصوبي مان 3 لک 50 هزار ايڪڙ زمين جي واڍي کي روڪيو ويو. جامع صوابي ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ اسپيڪر ٻوٽو لڳايو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي جو اعتراف عالمي ??داران ڪيو. خيبرپختونخوا دنيا جو واحد صوبو بڻجي ويو آهي جنهن ”بون چئلينج“ وقت کان پهرين مڪمل ڪيو. هن چيو ته عوام کي درخواست ڪريان ٿو ته وزيراعظم جي ويزن موجب ”بلين ٽري سونامي“ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جيئن پنهنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ سرسبز ۽ صاف پاڪ??تا?? ڏئي سگهون. هن چيو ته اڄ 5 آگ??ٽ استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي ڀارت جي غير آئيني ۽ غير انساني قدمن جي پرزور مذمت ڪريان ٿو. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪ??تا?? حڪومت پنهنجي مظلوم ڪشميرين ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم عمران هر فورم تي مظلوم ڪشميرين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي.
7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی