اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين، ه??ئو??نگ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ صحت جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حصيدار?? سان اسپتالون قائم ڪرڻ جهڙن اه?? ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي صوبائي فنانس ڪميشن جوڙين ته جيئن پٺتي پيل علائقن ۾ وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ممڪن ٿي سگهي، وفاقي ڪابينا جي هيستائين 93 اجلاسن ۾ 1759 فيصلا ڪيا ويا جن مان 1579 تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، 28 فيصلن تي عملدرامد ۾ دير آهي جڏهن ته 46 فيصلا عملدرآمد جي عمل هيٺ آهن، ڪي اليڪٽرڪ بابت فيصلو وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندو جڏهن ته وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي جي سربراهي ۾ چونڊ سڌارا ڪميٽي جون سفارشون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن جيڪي وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، ڀاڻ، آر ايل اين جي، نيشنل ٽيلي ڪميون??ڪش?? جي ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا اه?? فيصلا به اجلاس ۾ ڪيا ويا، سرڪاري مل??زمن جي پينشن ۽ حج جي حوال?? سان خاص فنڊ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو.
وفاقي ڪابينا ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين جهڙن اهم ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز