اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران خان قائداعظم جي ويزن کي اڳتي وڌايو ۽ نئ??ن پاڪستان جو بنياد رکيو آهي، هاڻي انهي بنياد تي ملڪ ک?? قائداعظم جي خواب جي تعبير ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو ب??ائي رهيا آهيون، پاڪستان جي نئين سفر جي شروعات ٿي چڪي آهي، عدالتي فيصلن مان صاف ۽ شفاف رياست جو بيانيو اڳتي وڌي رهيو آهي، فوري ادائيگين جي حوالي سان مسئلو ??ه آهي. هن اها ڳالهه لوڪ ورثا ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي مناسبت سان قائداعظم جي زندگي جي عنوان سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چئي.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن