مانسهره – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ نئون پاڪستان اسان ٺاهي رهيا آهيون، عوام پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي ٻاهر اڇلائيندو، سازشون ڪندڙن کي عوام منهن ڏيندو، اسان نعرا هڻڻ تي نه ڪم تي يقين رکون ٿا. ڍڍيال ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اڄ ڍڍيال ۾ اچي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ان جو هتان جي عوام ??ندازو نه ٿي ڪري سگهي، عوام ??و جوش ۽ جذبو ۽ پراميد چهرو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ آئون ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي نڪتو آهيان، جلسن، جلوسن جي مهم تي نه، اڄ هتي الله جي فضل ۽ ڪرم سان هڪ تاريخي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ آيو آهيان. وزيراعظم چيو ته مون سدائين چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان پوري پاڪستان جي ترقي ۽ عوام ??ي خوشحالي ۽ ان جي بهتري جو ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي ايجنڊا رکون ٿا، اسان جي ڌرڻن جي ايجنڊا نه آهي، اسان ملڪ کي بهترين ??لڪ بڻائڻ جي ايجنڊا رکون ٿا ۽ ملڪ ان طرف گامزن آهي. هن چيو ته مون کي هتي موٽروي ٺهڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي، برهان کان حويليان تائين ??وٽروي تي پهرين ??رحلي ۾ ڪم ش??وع ڪيو، هاڻي حويليان کان شنڪاري تائين ??وٽروي شروع ٿي رهي آهي، هي ان موٽروي کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي جيڪا لاهور ۽ اسلام ??باد يا پشاور وڃي رهي آهي، اها به ڇهن ڦاڪن واري آهي ۽ هي به ڇهن ڦاڪن واري آهي.
وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڍڍيال ۾ عوامي ميڙ کي خطاب
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج