حيدرآباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ ٽن ڏينھن وارو ڏھون اياز ميلو شروع ٿي ويو، ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ ربن ڪٽي ميلي جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو، ڏھين اياز ميلي جا انيڪ، سياسي، سماجي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي رنگ نکري پيا، مختلف ويھڪن ۾ بحث مباحثا، شيخ اياز کي شاندار لفظن سان ڀيٽا پيش. خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي طرفان ٽن ڏينھن وارو اياز ميلو حيدرآباد ۾ شروع ٿي ويو آھي. سنڌ جي ??قافت کاتي واري وزير سيد ذوالفقار علي شاھ، امر سنڌو، عرفانه ملاح، مونس اياز، حسين مسرت ۽ ٻين سان گڏجي ??بن ڪٽي باضابطه افتتاح ڪيو ۽ سنڌ ميوزم ۾ قائم ٿيل ظفر ڪاظمي آرٽ گئلري ۾ تصوري، چترڪاري نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي ڏھين اياز ميلي جي ??فتتاحي سيشن ۾ صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ھزارين سالن جي ??ھذيب رکندڙ صوفين جي ??رزمين آھي. سنڌ سڄي دنيا کي پيار محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو آھي. ھن چيو ته اياز ميلو نه رڳو سنڌ جو پر ملڪ جو سڀ کان وڏو ميلو آھي. ھن اياز ميلي ۾ سڄي ملڪ مان اديب دانشور آ??ا آھن. اياز کي نوجوان?? کي پڙھڻ گھرجي. ھن چيو ته سنڌ ۾ ميل?? کي وڌيڪ مچائينداسين. ھن چيو ته اياز ميلي جي ??جيٽ لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلينداسين. اميد ته ايندڙ سال بجيٽ ۾ اياز ميلي جي ??جيٽ رکي ويندي. ھن چيو ته اياز ميلي ۾ ڏيهھ پرڏيھه مان آيل اديبن ۽ دانشور?? کي ڀليڪا?? ڪيان ٿو. ھن چيو ته ثقافت کاتو سنڌ جي ??قافتي ۽ ادبي سرگرمي?? کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪري رھيو آھي. اياز ميلو منھنجو پنھنجو سنڌ جو ميلو آھي. اياز ميلي جي ??ڳواڻ امر سنڌو آجياڻو ڏيندي چيو ته ھي ڏھون اياز ميلو شروع ٿي رھيو آھي. اياز ميلو سنڌ جي ??ياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ادبي شعور جو مرڪز آھي. جنھن سان سنڌ جو سماجي ??يانيو پيش ڪندا آھيون ته سنڌ ڪھڙي ھجڻ گھرجي. ھن چيو ته اياز ميلو شعور ۽ سنڌ جي ??عمير روادار سنڌ جو ميلو آھي. ھن چيو ته اياز ميلي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ مان اديب، دانشور، ليکڪ آيا آھن. بجيٽ گھٽ ھجڻ باوجود اسان ان ئي جذبي سان اياز ميلو مچايو آھي. ھن سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي ته اياز ميلي لاءِ ھر سال بجيٽ ۾ رقم رکي وڃي.
ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جي ??ؤر ۾ انتھاپسندي کي ھٿي ملي، شاھ لطيف انتھاپسندي خلاف لکيو: ناميارو دانشور ڊاڪٽر ناظر محمود
ملڪ جي نامياري دانشور ڊاڪٽر ناظر محمود چيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ انتھاپسندي جي ھڪ لھر ھلي رھي آھي، ان صورتحال ۾ سنڌ جي ??عور کي اھو سوچڻ گھرجي ??ه سنڌ سميت ملڪ کي انتھاپسندي مان رواداري طرف ڪيئن وٺي اچجي. ھن چيو ته سنڌ ۾ ڄام نندي جو دؤر رواداري جو شاھڪار دؤر ھو، ھن چيو ته ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جي ??ؤر ۾ انتھاپسندي کي ھٿي ملي ۽ ان دؤر ۾ شاھ لطيف انتھاپسندي خلاف لکيو. شاھ لطيف جي ??اعري ۾ عالم سڀ آباد ڪرين جو دنيا کي پيغام ڏئي انتھاپسندي کي رد ڪيو. ھن چيو ته ڪجهه ماڻھو اياز ميلي خلاف مھم ھلائن ٿا. اھا ثقافتي انتھاپسندي آھي. ھتي رڳو مذھبي انتھاپسندي ناھي پر سماجي، سياسي ۽ ثقافتي انتھاپسندي به آھي. اسا?? کي انتھاپسندي جي ??ھڙين سمورين صورتن سان وڙھڻو پوندو. ھن چيو ته معاشري ۾ قدامت پرستي به مڙھيل آھي. ھن چيو ته بنياد پرستي ۽ قدامت پرستي سان به وڙھڻو پوندو. انتھاپسندي سان عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو. غير مسلم ماڻھ?? کي ڪافر قرار نه ڏيڻ گھرجي. ھن چيو ته رياست ۽ رياست جي ??ملدارن ترقي پسند روشن خيال سوچ جي ??لمبردار?? کي ڏاڍ جو نشانو بڻايو آھي.
سنڌ مُلڪ ۾ واحد آھي جنھن انتھاپسندي خلاف مزاحمت ڪئي آھي، سنڌو درياھ جا رستا روڪي اسان جي نسل?? کي تباھ ڪيو پيو وڃي: نُور الهُديٰ شاهه
نامياري ليکڪه ۽ ڊرامه نگار نور الھدي شاھ چيو ته ميلا ڌرتيءَ سان ڳنڍيل آھن. اياز ميلي جو سنڌ کان ٻاھر ملڪ ۽ پرڏيھ ۾ ذڪر ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته ھن وقت سنڌ جي ??قاءَ جو مسئلو آھي. ڌرتي ۽ پاڻي جو مسئلو اسان جي ??قاءَ جو مسئلو آھي. سنڌو درياھ جا رستا روڪي اسان جي نسل?? کي تباھ ڪيو پيو وڃي. مسلمانيت جي نالي ۾ ويڙھايو ۽ ورھايو پيو وڃي. ھن چيو ته رواداري اسان وٽ خواب آھي ۽ تلخ حقيقت انتھاپسندي آھي. سنڌ مُلڪ ۾ واحد آھي جنھن انتھاپسندي خلاف مزاحمت ڪئي آھي. 1947ع کان وٺي سنڌ رياست جي پسنديده نه رھي آھي، ڇو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم وٽ انتھاپسندي ناھي. ان وٽ رواداري آھي. ھن چيو ته اسان جي ڏاهپ ۽ شعور گھڻو ڪجهھ ڪري سگھي ٿو. اياز ميلي ۾ ٻيو سيشن ڊائلاگ وٿ ھسٽري ڪتاب تي ٿيو. جنھن ۾ ڪتاب جي ليکڪ زاھد حسين، ناظر محمود ننڍي کنڊ جي ??ياسي تاريخ ?? واقعن تي تفصيلي گفتگو ڪئي. سيشن جو ماڊريٽر جاويد سومرو ھو .