اسلا م آباد-11 مئي(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 13 مئي کان 16 مئي تائين عوامي جمهوريه چين جو چئن ڏينهن جو دورو ڪندو، جٿي هو چيني پرڏيهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جنرل آفيس جي ڊائريڪٽر وانگ سي سان پنجين پاڪ چين وزيرڏيهي اسٽريٽجڪ لڳاپن جي گڏيل صدارت ڪندو، پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ڌريون اقتصادي ۽ واپاري سهڪار، اعلي سطح جي مٽاسٽا ۽ دوري، چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي اپ گريڊيشن ۽ مستقل ر??بطن جي قدمن سميت پاڪ چين ٻه طرفا لڳاپن جو جامع جائزو وٺنديون. ٻئي اڳوا?? علائقائي جغرافيائي سياسي منظر نامي ۽ ٻه طرفا سهڪار تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني اڳواڻن، سينيئر وزيرن ۽ ڪارپوريٽ شعبي جي اڳواڻن س??ن پڻ ملاقات ڪندو، نائب وزير اعظم جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعلي سطح جي مٽاسٽا جو حصو آهي، اهو دورو” آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪو آپريٽو پارٽنر شپ “ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، بنيادي دلچسپي وارن معاملن تي گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ،سي پيڪ سميت اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، علائقائي امن ۽ ترقي لاءِ هٿي ڏ??ڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪر ي ٿو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 13 مئي کان عوامي جمهوريه چين جو چئن ڏينهن جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری