برسل?? – 31 – جنوري (اي پي پي) ن??را?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي مناسبت سان تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو. تصويري نمائش جو انعقاد پاڪستاني سف??رتخاني ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارتي ??يرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي خراب حالت جي عڪاسي ڪئي وئي آ??ي. ??رسلز ۾ پاڪستاني سف??رتخاني جي هڪ پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي ن??را?? پرڏيهي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪسمير جي بهادر فرزندن ۽ ڌيئرن ڀارت جي ڏاڍ جو بهادري سان مقابلو ڪيو آ??ي. ??ڄ اسان ڪشمير ڪاز جي شهيدن ۽ ڀارتي ??لمن جو شڪار ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ڀارت ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي پائمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ انهن جون قربانيون تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو حل لازمي آ??ي. ??المي برادري ڀارت تي ??ور ڏي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري، 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم واپس وٺي ۽ مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ??ملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين سان انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتي ??ان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سف??رتي ??مايت جاري رکندو. ن??را?? پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ان قدم جو مقصد ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ انهن جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪرڻ جي اهميت بابت بيداري پيدا ڪرڻ آهي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاران برسلز ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي مناسبت سان تصويري نمائش جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری