اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجو غاصباڻو قبضو برقرار رکيو اچي، ڪشميرين جا ٽي نسل دنيا خاص طور تي گڏيل قومن جي غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي پنهنجي واعدي کي پورو ??رڻ جو انتظام ڪري رهيا آهن، عالمي برادري هاڻي پنهنجي ذميواري کان اکيون نٿي ٻُوٽي سگهي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي. ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 27 آڪٽوبر 2023ع جي ڏينهن جي مناسبت سان ”ڪاري ڏينهن“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ڄمون ۽ ڪشمير جي وڏي حصي تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پهريون ڀيرو پنهنجي فوج کي ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿو. تڏهن کان اڄ تائين ڀارت ان علائقي تي زبردستي قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني حڪمراني کي برقرار رکڻ جي لاءِ مختلف حربا آزمايا آهن جڏهن ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان هڪ ڪڌي مهم شروع ڪئي آهي جنهن تحت ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار رهواسين ۾ تبديل ??رڻ جي ڪڌي سازش زورن تي آهي. ڀارت انهن ڪڌي ارادن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جهڙوڪ چونڊ تڪن ۾ ڦيرڦار، چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميرين جو اضافو، ڪشمير کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ??رڻ ۽ زمينن ۽ جائيدادن جي ملڪيت بابت نوان قانون متعارف ڪرائڻ آهي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ون??ل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهي. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته اڄ ڪشمير دنيا جو هڪ اهڙو خطو آهي جتي سڀ کان وڌيڪ قابض فوج مقرر آهي، ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا سالن کان اڻڄاتل مدي تائين گهيري ۾ آهن، ڏاڍ کي لڪائڻ ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي لاءِ ميڊيا تي پابنديون وڏي پئماني تي مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران هزارين بيگناهه ڪشميري مرد، عورتون ۽ ٻار ڀارتي ڏاڍ جي ڪري پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ تازه ترين اڳڀرائي مان واضح ٿي ويو آهي ته وڏي عرصي کان حل طلب تڪرار عالمي امن جي لاءِ مسلسل خطرو آهن، ڪشميرين جا هڪ ٻئي پٺيان ٽي نسل دنيا خاص طور تي گڏيل قومن جي غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي پنهنجي واعدي کي پورو ??رڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، عالمي برادري هاڻي پنهنجي ذميواري کان اکيون نٿي ٻُوٽي سگهي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ زيادتين جو جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، ڀارت کي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻو پوندو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ون??ل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻو پوندو. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين وانگر پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڪشميرين جي فت?? نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ??رڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پنهنجي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
ڀارت 76 سال کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجو غاصباڻو قبضو برقرار رکيو اچي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی