نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي ??يرضروري ڊوڙ جي ??اتمي لاءِ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد تمام گهڻو ضروري آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ”الجزيره“ ٽي و?? کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته انهن قراردادن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان خطي جي امن تي سڌوسنئون اثر پئجي ??هيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي ??رقي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ??لائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) پڻ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڏس ۾ ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان اهم ۽ بنيادي مسئلو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي امنگن موجب غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن ان ڳ??له?? تي افسوس جو اظهار ڪيو ته قراردادن کي 70 سال اڳ منظور ٿيڻ جي ??اوجود انهن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ته ڪشمير گهيراءُ ۾ آهي ۽ واديءَ ۾ 7 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن، والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي انساني حقن جون بدترين سنگين خلاف ور??يون درپيش آهن. ڪشمير کي انساني جيل قرار ڏيندي هن چيو ته ماڻهن کي انهن جي منصفاڻي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي ڀارت نظربند ڪري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ان تڪرار تي جنگيون وڙهي چڪا آهن ۽ اهو مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اها گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي ??ميواري آهي ته اها پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي جيڪي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار آهن. اهو پڇڻ تي ته ڇا ڪشمير جي ??زمائش جي فلسطين سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ٻنه?? کي انصاف کان انڪار کي منهن ڏيڻو پيو. هن گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي ??جلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ او آءِ سي جي فلسطين بابت رابطا گروپ جي ??جلاس ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جتي هن فلسطين جي ??وام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڪشمير ۽ فلسطين بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي جلد عملدرآمد تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي ??باهي آڻيندڙ اثرن بابت ڳ??له?? ڪندي هن چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ڇو ته اهو 10 سڀ کان وڌيڪ منفي طور تي متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن گذريل سال پاڪستان کي ٿيندڙ وڏي نقصان جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ فصل، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچ?? کي پهچندڙ نقصان کانسواءِ 30 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي کانپوءِ انتهائي مددگار ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا.
علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي غيرضروري ڊوڙ جي خاتمي لاءِ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد تمام گهڻو ضروري آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ