اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهش?? موجب ريفرنڊم جي ذريعي تڪرار جي حل تائين حمايت جاري رکندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ص??ر بيريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو ع??دو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر نگران و??ير??عظم کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اچڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران و??ير??عظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر کي پاڪستان پاران ڪشمير جي لاءِ غيرمشروط حمايت جو يقين ڏياريندي چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين، پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد?? موجب ڪشمير مسئلي جو حل ڪشميرين جي امنگ?? موجب ريفرنڊم سان نه ٿو ٿي وڃي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بيريسٽر سلطان محمود چوڌري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado