اسلام آباد- 09 جون (??ي پي پي) مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪم??ل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي ته جيئن جون 2024ع تائين انهن جي تڪميل ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ جديد ترين ??نف??اسٽرڪچر جي فراهميءَ لاءِ پي ايس ڊي پي جو 52 سيڪڙو رکيو ويو آهي. هن چيو ته ??نف??اسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ ڄاڻايل رقم 267 ارب رپيا ??يڪو ڪل ڳاڻيٽي جو 28 سيڪڙو آهي. واٽر سيڪٽر لاءِ رکيل رقم 100 ارب رپيا (11 سيڪڙو) آهي. توانائي جي شعبي ۾ رکيل رقم 89 ارب رپيا (رکيل رقم جو 9 سيڪڙو)، فزيڪل پلاننگ اينڊ هائوسنگ لاءِ ڄاڻايل رکيل رقم 43 ارب رپيا ??هي. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن جي متوازن ترقيءَ لاءِ 108 ارب رپيا ??جويز ڪيا ويا ??هن، جن مان 57 ارب رپيا ڪي پي ڪي جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ، 32.5 ارب رپيا ??زاد ڄمون ڪشمير ۽ 28.5 ارب رپيا گلگت بلتستان لاءِ رکيا ويا ??هن ته جيئن انهن علائقن جي ترقيءَ کي ملڪ جي ٻين علائقن جي ويجهو آڻي سگهجي.
مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي: سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores