اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي ??ئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏ??ن ته وزيراعظ۾ محمد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي خطي جي خوشحالي لاءِ اهم منصوبو آهي، منصوبي سان خطي کي قدرتي ??ئس جي فراهمي ممڪن ٿيندي، عالمي صورتحال جي ڏس ۾ توانائي جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي، ان منصوبي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي ??رو??ات ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاپي ??ئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صحيحن واري تقريب ڪالهه خميس ڏينهن هتي منعقد ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان پاران پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ترڪمانستان جي مملڪتي وزير ۽ ترڪمن ??ئس جي چيئرمين ڪمسات بابا??يف صحيحون ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ وڏو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ ترڪمانستان تاپي ??ئس عملدرآمد منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن. ان جي لاءِ ترڪمانستان جي صدر ۽ ان جي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. تاپي هن پوري خطي جي خوشحالي جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي. هي منصوبو اشڪ آباد کان ??رو?? ٿيندو ۽ افغانستان ۽ پاڪستان کان ڀارت تائين مڪمل ڪيو ويندو. ان سان هن خطي کي منصوبي تي ٺوس خاطرين ۽ گڏيل طور تي طئي ٿيل شرطن موجب قدرتي ??ئس حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عالمي حالتن جي ڏس ۾ اڄ توانائي هڪ حقيقي چئلينج بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پاليسين ۽ فوري قدمن جي ضرورت آهي. تاپي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي نئين دور جي ??رو??ات ٿيندي. پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪندس ته ان منصوبي جي منصوبابندي ۽ عملدرآمد جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ترڪمانستان جي وفد پاران پاڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيندي چيو ته ان سان اسان کي اهو موقعو مليو آهي ته دنيا کي اهو يقين ڏياريون ته پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن اهم موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي پيٽروليم واري وزارت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ترڪمانستان پاڪستان دوستي زندهه آباد.
تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي جي معاهدي تي صحيحون، منصوبي سان علائقائي تعاون ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو