سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن قائد حريت سي?? علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي مشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ڪشميرين جي عزم کي ورجايو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سي?? علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب ??ل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق سرينگر ۾ جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ جاري جدوجهد ۾ سي?? علي گيلاني جي ڪردار ۽ عزم ۽ استقلال کي ڪشميري عوام سدائين ياد رکندي. ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جنهن جي سربراهي غيرقانوني طور تي نظربند حريت اڳواڻ شبير احمد شاهه ڪري رهيو آهي، سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ سي?? علي گيلاني جو بي مثال ۽ شاندار ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو، ڪشمير ڪاز جي لاءِ بزرگ اڳواڻ جي اڻٿڪ خدمتن کي ڪشمير جي تاريخ ۾ ڊگهي عرصي تائين ياد رکيو ويندو، سي?? علي گيلاني هڪ ارڏو اڳواڻ هو جنهن ڪشمير تڪرار تي اصولي موقف اختيار ڪيو، بي آواز ڪشميرين جو آواز بڻي?? ۽ ??نهنجي نظريي تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن مشتاق احمد، سيد منظور احمد شاهه، سيد اعجاز رحماني ۽ راجا شاهين اسلام آباد ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو آهي ته سي?? علي گيلاني عزم ۽ حوصلي جو پيڪر ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف ثابت قدمي جي علامت هو، سي?? علي گيلاني هڪ شخص جو ن??لو نه پر هڪ نظريي ۽ تحريڪ جو ن??لو آهي، سندس جدوجهد، جرئت ۽ قربانيون دنيا جي انهن مظلوم ۽ ڪم??ور قومن کي حوصلو بخشنديون رهنديون جن جي آزادي وڏن ملڪن کسي ورتي آهي، سي?? علي گيلاني جو مشن ۽ نظريو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو.
غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن پاران قائد حريت سيد علي گيلاني کي زبردست خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ