اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميت سمورن پ??ڪس??اني شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ملڪي مستقبل ۽ جمهوريت جي خاطر 27 مارچ تي گهرن کان ٻاهر نڪرن، اسان عمران خ??ن ۽ آئين پ??ڪس??ان سان گڏ بيٺل آهيون، سمورن اتحادين سان رابطو آهي، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ زيرڪ ۽ سلجهيل سياستدان آهن، منهنجي خيال ۾ اهي مخالف ڌر جي هنج ۾ نه ويهندا. پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم قوم کي واضح پيغام ڏنو آهي ته فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته توهان کي چڱائي يا برائي مان ڪهڙي طرف بيهڻو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هڪ طرف مفاد پرستن جو ٽولو آهي ج??هن کي ملڪي مفادن، معيشت ۽ نه ئي اقتصادي ضرورتن سان ڪو واسطو آهي، اهي ماڻهو هڪ نڪاتي ايجنڊا تحت عمران خان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ لُٽ مار لاءِ رستو هموار ڪرڻ چاهي ٿو. ا??هن جو منشور هڪ آهي نه ئي پارتٽي جهنڊو هڪ آهي، ا??هن ماڻهن پوري قوم کي پريشان ڪري رکيو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته آئون پ??ڪس??ان جي س??ورن باشعور شهرين کي گذارش ڪريان ٿو ته هو 27 مارچ تي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪرن ۽ پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيني بڻائين. اسان عمران خ??ن ۽ جمهوريت سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جا پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير سميت سمورن ماڻهن سان رابطا ٿي رهيا آهن، ڪي پي ڪي کان ماڻ??ن جو سمنڊ ايندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان جا اتحادين سان رابطا آهن، اهي آزاد آهن، مون کي يقين آهي ته اهي مناسب وقت تي مناسب فيصلو ڪندا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڏسڻو پوندو ته اهي پي ٽي آءِ کان عليحدگي اختيار ڪري ڪ??هن سان گڏ وڃي رهيا آهن، پي پي سان گڏ، ان پ پ پ خلاف ته ڪجهه ڏي??هن اڳ احتجاج ڪري رهي هئي ته ا??هن ڪراچي سان ناروا سلوڪ ڪيو، ا??هن جا فنڊ هڙپ ڪيا، جيڪي بلدياتي قانون کڻي آيا ان تي ته پوري س??ڌ سراپا احتجاج آهي، اهي س??جيده ۽ سلجهيل ماڻهو آهن، منهنجي خيال ۾ ته هو ا??هن جي هنج ۾ نه ويهندا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي اجلاس جي حوالي سان چيو ته اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتهائي ڪامياب انعقاد سان پوري امت ۾ پ??ڪس??ان جو وقار بلند ٿيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن به پ??ڪس??ان جي لاءِ خيرسگالي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي سربراهه هجڻ جي ناطي پ??ڪس??ان، او آءِ سي جي منظور ڪيل قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي غرض سان هڪ ٻيو وزارتي اجلاس طلب ڪندو. پرڏيهي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته او آءِ سي اجلاس ۾ ٻين نمايان تڪرارن کي به ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته ايڪشن پلان ان سلسلي ۾ او آءِ سي س??ڪريٽريٽ جي ڪردار جو تعين ڪندو آهي.
پاڪستاني شهري ملڪي مستقبل ۽ جمهوريت جي خاطر 27 مارچ تي گهرن کان ٻاهر نڪرن: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار