اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ پ??رل??اماني رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، فلسطين جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي، عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان فلسطين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. فلسطيني پرڏيهي و??ير فلسطين جي موجوده صورتحال کان پرڏيهي و??ير کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران فلسطين جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي فلسطين مسئلي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو ۽ ان پراڻي مسئلي جي جلد منصفاڻي حل جي مطالبي تي زور ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، پاڪستان فلسطين جي حوالي سان پنهنجي اصولي ۽ واضح موقف تي قائم آهي. هن چيو ته فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي پاڪستاني عوام جي جذبن جي ترجمان آهي. فلسطيني پرڏيهي و??ير فلسطين ۾ جنگبندي جي لاءِ پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.
او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي وچ ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : números dupla sena