اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) قانو?? ۽ ??نصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم جي صدارت ۾ ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) بابت ذيلي ڪميٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد کانسواءِ گهرو وزارت ۽ نيب جا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ شامل ۽ ڪڍيا ويندڙ ماڻهن جي فهرستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جا نمائندا ۽ انفرادي حيثيت ۾ مختلف ماڻهو پيش ٿيا جن جو موقف معلوم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي فيصلا ڪيا ويا. ذيلي ڪميٽي جي ع??لدارن پاران مخالفت جي باوجود مختلف نالن کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان