اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ ??مل جي مجموعي ڪارڪردگي ?? شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جلد تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي چونڊ ??مل آسان ۽ ان تي عوام جو اعتماد وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، لاڳاپيل ادارا ووٽنگ مشين جي جلد تياري لاءِ ٽائيم لائنز طئي ڪن. اهڙن خ??الن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اعظم خان سواتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي يوفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو سي??ري??ري نديم ارشاد ڪياني، نادرا جي وقت چيئرمين خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل جديد سيڪيورٽي خاصيتون رکندڙ ووٽنگ مشين جي تياري جي سلسلي ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي نموني جي تياري جي باري ۾ اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته چونڊ ??مل جي مجموعي ڪارڪردگي ?? شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جلد تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جديد ٽيڪنالاجي چونڊ عمل آسان بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ