اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي شڪست تسليم ڪ??ي ورتي آهي، اسان گهڻو پهرين مخالف ڌر کي چيو هو ته سينيٽ اليڪشن شفاف ڪرائين ته هنن اسان ??ي مخالفت ڪئي، انهن جي پريس ڪانفرنس ڏسي مون کي ڊپ لڳي رهيو آ??ي ته ڪٿي اهي ماڻهو روئڻ نه لڳي وڃن. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان ??ا 25 ووٽ وڌيڪ هئا پر اُهي کٽي ويا، ان وقت کين اص??لن جي سياست ياد نه آئي، جيڪا اليڪشن انهن جي پسند جي هجي ته ان کي چوندا آهن ته ٺيڪ آهي ۽ جتي کين شڪست جو ڊپ هوندو آهي اتي اصولي سياست ياد اچي ويندي آهي. شبلي فراز چيو ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهو ووٽ ضايع ڪرڻ جي طريقيڪار ٻڌائي رهيو آهي ۽ ان ??ايع ٿيل ووٽن جي ڪري ئي اسان ??و اميدوار هارايو. ڇانگامانگا ??ان هنن اهو ڪم شروع ڪيو هو ته جيڪو اڄ تائين جاري آهي، اڃان ??ه ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اسان ??ي ماڻهن سان ??ه ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو پيو وڃي.
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا