اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چ??و آهي ته خطي جي عوام کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ واپاري لاڳاپن جو فروغ اڻٽر آهي، يورپي يونين جي طرز تي اسان کي خطي ۾ واپاري لاڳاپا هموار ڪرڻا پوندا، مسئلن جو حل جنگ بدران ڳالهين ۾ آهي، پاڪستان چ??ن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ويڇي ۾ ماضي وانگر هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، سريلنڪا جي واپاري برادري کي سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان ۾ مذهبي ماڳن سميت سياحت جا بي پناهه موقعا م??جود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن په??ين پاڪستان سريلنڪا ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سريلنڪا جي وزيرا??ظم مهندرا راجا پاڪسي به موجود هو. وزيرا??ظم چيو ته هو غربت جي خاتمي جو مقصد کڻي سياست ۾ آيو، 25 سال په??ين هن پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو ۽ ڪينسر اسپتال شروع ڪئي ڇو ته ڪينسر جو علاج تمام گهڻو مهانگو هجڻ جي ڪري عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر هو، فلاحي ڪم ڪندي مون کي احساس ٿيو ته پاڪستان جي عوام جي اڪثريت غربت، غذائي کوٽ، ناڻي واڌ جو شڪار آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا کي هڪجهڙا مسئلا درپيش آهن، هن چ??و ته سريلنڪا جي صدر سان گذريل ڏينهن مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ساڻس سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي. مون چ??ن جي دوري دوران اهو ڏٺو ته هنن هول سيل ۽ ريٽيل ۾ فرق کي ٽيڪنالاجي جي ذريعي گهٽ ڪيو ته جيئن عام ماڻهو کي سهولت حاصل ٿئي، هن چ??و ته سيڙپڪاري جي ذريعي اسان غربت ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا، ڪاروبار کي آسان بڻائڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، هن چ??و ته چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اها وڏي ڪاميابي آهي، ڪاروباري سرگرمين جو مقصد دولت جي پيداوار ۽ غربت جو خاتمو آهي، سيڙپڪاري جا م??قعا پيدا ڪري اسان غربت جو خاتمو ڪري سگهون ٿا، وزيرا??ظم چيو ته سياسي استحڪام ۽ پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپا به غربت ۾ گهٽتائي جو ذريعو آهن. هن چ??و ته پاڪستان ۽ سريلنڪا دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي، دهشتگردي سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ خطرو آهي، مون اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ڀارت سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀارتي وزيرا??ظم نريندر مودي کي ڳالهين جي دعوت ڏني پر اسان کي ڪاميابي نه ملي سگهي.
خطي جي عوام کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ واپاري لاڳاپن جو فروغ اڻٽر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : راکی