اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر چيو آهي ته ان??انيت جي خدمت اسان جومذهبي ۽ قومي فرض آهي ۽ الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن چيو ته ان??انيت جي خدمت ڪندڙ جو نالو سدائين زندهه رهي ٿو. هن چيو ته ٻين جي ڏک درد کي پنهنجو ڏک درد سمجهڻ ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽائيگر ??ورس قائم ڪرڻ جي مناسبت سان ملڪي سطح تي ملهائجندڙ خ??ص ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو ويندو. اسپيڪر ا??د قيصر ڪورونا وبا دوران ٽائيگر ??ورس جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ڪورونا وائرس وبا دوران ٽائيگر ??ورس رضاڪار ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ٽائيگر ??ورس جي مدد سان ملڪ کي هنگامي صورتحال ۾ پيش ايندڙ بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان سڀ پنهنجي ان??ر ان??انيت جي مدد ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪري وٺون ته اسان هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري سگهون ٿا.
انسانيت جي خدمت اسان جو مذهبي ۽ قومي فرض آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : کڑک