اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته ڪراچي ۾ نديءَ نالن جي ڀرپاسي قبضن، سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جو جدا جدا نظام نه هجڻ ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي کوٽ جي ڪري هڪ ڪلاڪ ۾ 80 کان 83 ملي ميٽر برسات پوڻ جي ڪري ڪراچي ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، حڪومت پاران ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ايڪٽ تحت پاڪ فوج سمورن متاثر علائقن تائين پهچي وئي آهي، اڄ سومر تي وڏي پئماني تي ڪم شروع ٿيندو، اسان ??و ڌيان هلندڙ مهيني دوران 7، 8 آگسٽ، 15 آگسٽ ۽ 24 کان 26 آگسٽ جي وڏين برساتن سبب امڪاني نقصانن کان ??چڻ جي لاءِ قدم کڻڻ آهي، مستقل حل جي لاءِ سمورين ڌرين جو اتفاق راءِ ضروري آهي، دنيا ۾ سالڊ ويسٽ آمدني جو ذريعو جڏهن ته اسان ??ي لاءِ سالڊ ويسٽ زحمت بڻجي چڪو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چي?? ته وفاق پاران مون سون جي سيز دوران ??مڪاني برساتن جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي، ايف ڊبليو او ۽ ٻيا ادارا ڪراچي ڪور هيڊ ڪوارٽرز جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن، ايف ڊبليو او کي ڪراچي جا اهي علائقا ڏنا ويا آهن جتي وڏا وڏا ندي نالا آهن. هن چي?? ته اين ڊي ايم اي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي شروع ۾ ڪراچي ۾ برساتن بابت اڳڪٿي حاصل ڪري ورتي آهي، 40 کان 65 سيڪڙو برساتن جو امڪان ??هي، ان ??ڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اسان پنهنجون تياريون ڪري رهيا آهيون ته جيئن پهرين برسات سان ??يڪو نقصان ٿيو آهي اهو ايندڙ برساتن ۾ نه ٿئي. هن چي?? ته هن وقت پاڪ فوج ۽ ان ??ا لاڳاپيل ادارا ڪراچي ۾ جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن اهو مستقل حل نه آهي، اسان کي ڪراچي جي روزانو گڏ ٿيندڙ سالڊ ويسٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن مان ??ڳو 3، 4 هزار ٽن سالڊ ويسٽ کنيو وڃي ٿو، باقي ندي نالن ۾ وڃي رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿو. هن چي?? ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي هدايتن تي ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن جو شروعاتي جائزو ورتو آهي. هن چي?? ته 1995ع ۾ ڪراچي جي نالن جي ويڪرائي 300، 400 ميٽر هئي جيڪا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي مشڪل سان 3، 4 ميٽر رهجي وئي آهي جڏهن ته نالن جي ڀرپاسي قبضن جي پڻ ڀرمار ٿي وئي آهي. ٻئي طرف سيوريج ۽ ٻئي پاڻي جي لاءِ جدا نظام نه آهي، انهي لاءِ پاڻي نڪري وڃي ٿو ۽ سيوريج پٺتي رهجي وڃي ٿي جنهن سان پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. هن چي?? ته پهرين مرحلي ۾ اسان کي نديءَ نالن ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو آهي، ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ ٻئي مرحلي ۾ سمورين ڌرين کي ويهاري اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چي?? ته ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪالي جي وهڪري کي جاري رکڻ لاءِ اسپارڪو جي مدد سان پاڻي جي روٽ کي پڻ ڏٺو ويندو.
ڪراچي ۾ منصوبابندي جي کوٽ جي ڪري برسات پوڻ سبب پاڻي جمع ٿي ويو: ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق