اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان پنهنجي ??هدي جو حلف کڻي ورتو آهي، صدر ممنون حسين نئين چونڊيل وزيراعظم کان ايوان صدر ۾ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف ورتو، ان موقعي تي عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم جسٽس ( ر) ناصرالملڪ پڻ موجود هو، تقريب ۾ خاتون اول بشريٰ بي بي سميت ??زاد ڪشمير جي ??در سردار مسعود خان، سينيٽ جي وقتي چيئرمين سليم مانڊوي والا، قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر، سر??سز چيفس ۽ ٻيا مهمان موجود هئا. ڀارت جي ??ڳوڻي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو کي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ خصوصي دعوت ڏني وئي هُئي اهو تقريب ۾ سڀني جي نگاهن جو مرڪز رهيو.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن