بيروت – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل ج?? جنگي جهازن ڏکڻ لبنا?? تي وڏي پيماني تي شديد حملا ڪيا آ??ن، اهي حملا ان وقت شروع ٿيا جڏهن حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله پنهنجي خطاب ۾ لبنان ۾ اليڪٽرانڪ مادن جي ڌماڪن ۾ درجنين فوتگين ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي پنهنجي ردعمل ج?? اظهار ڪري رهيو هو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسرائيل ج?? فضائي حملن ۾ ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي راڪيٽ لانچرز، هٿيارن جي ذخيرن ۽ ٻين ٺڪاڻن سميت هڪ سو کان وڌيڪ هدفن کي نشانو ??ڻايو ويو آهي. اهي حملا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيا جيڪي گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ شديد ترين هئا. انهن حملن سبب نقصانن جو فوري طور تي ڪو اطلاع ناهي مليو. لبنان جي سرڪاري خابرو اداري چيو آهي ته اسرائيل خميس جي شام ملڪ جي ڏکڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 52 حملا ڪيا ۽ لبنان اتر اسرائيل ۾ فوجي ٺڪاڻ?? تي به حملا ڪيا آ??ن.
اسرائيلي جنگي جهازن پاران ڏکڻ لبنان تي شديد حملا
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado