لاپاز _ 26 اپريل (اي ??ي پي ) بوليويا جي شهر اورورو ۾ ڪيترين گاڏين جي ٽڪر سبب 3 ماڻهو اجل جو شڪار، جڏهن ته درجن کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن . شنوا مط??بق پوليس شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته اهو ٽڪر آمريڪن هاءِ وي تي اورورو شهر ۾ جاچاياپو ڪميونٽي ويجهو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ مسافر بس ، معدنيات سان ڀريل ڊمپر ۽ زرعي مصنوعات سان ڀريل مال بردار ٽرڪ پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويو . شروعاتي اطلاع مط??بق ڊمپر پوٽوسي کان اورورو طرف وڃي رهيو هو. جڏهن ته مسافر بس ۽ مال بردار ٽرڪ سامهون اچي رهيو هو . حادثي جو اطلاع ملڻ بعد ايمرجنسي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو .
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی