نيويارڪ- 21 جون (اي پي پي) آمريڪا پا??ان جاري ڪيل انساني حقن بابت سالياني رپورٽ ۾ ڀارت ۾ انساني حقن جي خلاف ورز??ن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته رپورٽ ۾ ڀارت ۾ مذهبي اقليتن، اختلاف ڪندڙ ماڻهن ۽ صحافين کي نشانو بڻائڻ جا واقعا شامل آهن، هي رپورٽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي ان بيان جي هڪ سال کانپوءِ سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن چ??و هو ته آمريڪا ڀارت ۾ ڪجهه سرڪاري عملدارن، پوليس ۽ جيلن جي نگرانن طر??ان ڪيل انساني حقن جي خلاف ورزين تي نگاهه رکي آهي. واضح رهي ته ويجهي اقتصادي لاڳاپن ۽ خطي ۾ چ??ن جي مقابلي لاءِ آمريڪا لاءِ ڀارت جي اهميت ڪافي وڌيڪ آهي، ان لاءِ عام طور تي ڀارت تي آمريڪي تنقيد گهٽ ئي ٿيندي آهي. انڊيا ۾ انساني حقن جي اهم مسئلن ۾ حڪومت يا ان جي ڪارندن طر??ان عدالت کان مٿانهين قتل جون تصديق ٿيل رپورٽون شامل آهن.رپورٽ ۾ شهرين تي تشدد، انهن سان غير انساني يا توهين آميز سلوڪ، پوليس ۽ جيل عملدارن طر??ان سزا ڏيڻ، سياسي قيد بڻائڻ ۽ نظربن??ين سميت صحافين کي هروڀرو جي گرفتار??ن جو حوالو ڏنو ويو آهي. انساني حقن جون تنظيمون ڀارت وزيراعظم نريندر مودي جي هندو قوم پرست پا??ٽي ڀارتيه جنتا پا??ٽي (بي جي پي) تحت هاڻوڪن سالن ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي تسلسل سان ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيون آهن.
ڀارت ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي آمريڪي رپورٽ جاري
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب