اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان ۽ ترڪيه جي لازوال دوستي سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻنهي ملڪن جا هڪ ٻئي سان سدابهار لاڳاپا آهن، پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سياحتي شعبي ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، يونس ايمري انسٽيٽ??وٽ قائم ٿيڻ سان ترڪ ثقافت کي س??جه?? ۾ مدد ملندي. يونس ايمري انسٽيٽيوٽ، ترڪش ڪلچر سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه اسان جو دوست آهي جنهن سان اسان جي لازوال دوستي آهي جيڪا سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام دوستي جي مضبوطي رشتي ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته عظيم صوفي شاعر يونس ايمري جنهن کي يونس درويش به چيو وڃي ٿو، جي شاعري ۽ ڪهاوتون اڄ به ترڪ ثقافت ۾ اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته ثقافت ئي هڪ ٻئي کي پا?? ۾ ڳنڍي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊاڪٽر خليل توڪار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن پا??ستان ۾ رهي ترڪ ثقافت کي جهڙي طرح فروغ ڏنو، يقينن داد جو مستحق آهي. هي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ملڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ بي لوث ڪم ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه سان حصيداري وڌائڻ جي لاءِ استنبول ۾ هيڊ آف ڪميونيڪشن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته جهڙي طريقي سان ترڪيه جا ڊراما پا??ستان ۾ مقبول??ت حاصل ڪري رهيا آهن اهڙي طرح پا??ستان جا ڊراما ترڪيه ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پا??ستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تمام گهڻيون شيون گڏيل آهن جيڪي زبان، ثقافت، مذهب جي شڪل ۾ نظر اينديون، اهو ئي سبب آهي جو اهو نه ٽُٽندڙ رشتو آهي. هن چيو ته ثقافتي طور تي اسان اهڙي مضبوطي سان ڳنڍيل آهيون جو علامه اقبال جي هڪ مزار قونيه جي اندر به آهي، مولانا رومي جي مزار سان گڏ علامه اقبال جي علامتي قبر ٺاهي وئي آهي، ان تعلق کي بيان ڪرڻ ئي مشڪل آهي. هن چيو ته ماڻهن جي پا?? ۾ رابطن سان لاڳاپا وڌيڪ وڌن ٿا. يونس ايمري انسٽيٽ??وٽ ڪلچر سينٽر جي هتي قائم ٿيڻ سان ثقافت ۽ عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ترڪيه جي ثقافت کي اسان جي ماڻهن کي س??جه?? ۽ اڳتي کڻي هلڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوام سان عوام جي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن، ٿنڪ ٽينڪس کي ويهاريو وڃي ۽ پا?? ترڪيه لاڳاپن ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير عظيم شاعرن ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ يونس ايمري جي حوالي سان ثقافتي گروپس جوڙڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو ته پا??ستان ۽ ترڪيه جا اديب ۽ شاعر هڪ ٻئي جي ملڪن جو دورو ڪن. اسان جي ڪوشش آهي ته انهن عظيم شاعرن جي ڪم کي اڳتي کڻي هلون جنهن جي ذريعي ٻنهي ملڪن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ وڌيڪ هم آهنگي پيدا ٿئي ۽ اسان دنيا کي امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏئي سگهون.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي لازوال دوستي سرحدن جي محتاج نه آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا