اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي ??ي ??ي) قومي ايمبلي جي اسپيڪر سردار ا??از صادق آرمي پبلڪ اسڪول پشاور( اي پي ايس)جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪند?? چيو آهي ته انهن شهيدن جون قر??انيون هميشه ياد رکيون وينديون، 16 دسمبر 2014ع جو سانحو قومي تاريخ جو ڪارو باب آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اي پي ايس جي معصوم شاگردن ۽ استادن جي قر??انين قوم کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد ڪيو. سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ سردار ا??از صادق چيو ته اي پي ايس جا شهيد دهشتگردي خلاف اسان جي قومي اتحاد ۽ عزم جي علامت آهن سندن والدين جي صبر ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قانونسازي ذريعي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پر عزم آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورتي فورسز لازوال قر??انيون ڏنيون آهن. هن جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي. هن چيو ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
اي پي ايس جي شاگردن ۽ استادن جي قربانين قوم کي دهشتگردي خلاف متحد ڪيو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil