اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف قلات ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي واقعي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس ۽ ليويز اهلڪارن ۽ شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ??ي دعا ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جن?? جاري رکنداسين، امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي لازوال قربانين کي قو?? ڪڏهن به نٿي وساري سگهي، ملڪ دشمن عنصر اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان پاڪستاني قو?? جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي جي خلاف ان جن?? ۾ پوري قو?? سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.
وزيراعظم پاران قلات ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت، واقعي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيارڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری