اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پرڏيهي ناڻي کي قانوني طريقي سان ملڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ اي – ڪامرس جي شعبي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان عرب مانيٽري فنڊ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهد الترڪي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ عرب ملڪن جي و?? ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي ناڻي کي قانوني طريقي سان ملڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ اي – ڪامرس جي شعبي ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته نار ملڪن ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ رهي ٿو جيڪو هڪ وڏو پرڏيهي ناڻي پاڪستان موڪلي ٿو، بونا ۽ را??ت جي تعاون سان پاڪستان ۽ وچ اوڀر جي و?? ۾ ڊيجيٽل را??طو قائم ٿيڻ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته بونا – را??ت ڪنيڪٽيويٽي پراجيڪٽ ملڪ ۾ ڊيجيٽل ڏيتي ليتي کي و??يڪ موثر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، اهو اهم قدم ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جي وهڪري کي باضابطا بڻائيندو ۽ ڊيجيٽل گورننس جي نظام کي بهتر بڻائيندو. وزيراعظم چيو ته بونا – را??ت سان ان پرڏيهي ناڻي کي آسان ۽ سستي طريقي سان پاڪستان موڪلي سگهبو، بونا – را??ت اسان جي گڏيل ويزن ??و عڪاس آهي. ڊاڪٽر فهد چيو ته پاڪستان عرب دنيا کان ٻاهر عرب مانيٽري فنڊ جي منصوبي بونا سان ڳنڍجندڙ پهريون ملڪ آهي، بونا – را??ت جي ڪري ٻنهي طرفن جي معيشت گڏيل تعاون ۽ اعتماد سان ترقي ڪندي.
پرڏيهي ناڻي کي قانوني طريقي سان ملڪ ۾ آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی