اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان حڪومت جي دعوت تي 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري دوران پاڪستان جي ??يادت، ڪابينا جي ??يمبرن، يوٿ ليڊرز، سول سوسائٽي جي ??مائندن ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون ڪندي. بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جيڪا موسمياتي تبديلي جي ??نفي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي حمايت لاءِ پرزور حمايتي رهي آهي، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي ??وقعي تي پاڪستان سان پنهنجي ??ڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪ جو ٽي ??اڱي حصو ٻوڙي ڇڏيو هو جڏهن ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ جي ??وڏ متاثر ٿيندڙ ڪجهه علائقن جي دوري جو پڻ امڪان آهي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جي دوري دوران ڌريون پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي ??چ ۾ گڏيل مفاد جي ??ين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جي ??ومي ترقياتي منصوبي جي حمايت، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. دولت مشترڪه ۽ پاڪستان پاران 24 – 2023ع تي ”نوجوانن جو سال“ قرار ڏيڻ کانپوءِ دولت مشترڪه جي ??وٿ منسٽرز ميٽنگ جي صدارت ڪندي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي ??وٿ پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ وٺندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان تنظيم جي باني ميمبرن مان هڪ جي طور تي دولت مشترڪه کي عالمي مسئلن ۽ چئيلنجز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم جي طور تي اهميت ڏي ٿو. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو دورو پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي ??چ ۾ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.
دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار