اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پر??گر??م جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ عالمي معيار موجب هنرمنداڻو تربيتي پر??گر??م متعارف ڪرائڻ جي اهمي?? تي زور ڀريو. انساني ۽ سماجي ترقي جي ڊاڪٽر صوفيه شڪيل جي سربراهي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ وفد سا?? ملاقات دوران سينيٽر روبينه خالد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن قدمن جو مقصد حقدار خاندانن جي غربت ختم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، هو فعال شهري جي حيثيت سان قومي معيشت ۾ پنهنجو ح??و وجهي سگهن. ڪالهه بينظير انڪم سپورٽ پر??گر??م جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات ۾ اي ڊي بي طرفان شن لونگ کي مشن ليڊر/پرنسپل سوشل پروٽيڪشن اسپيشلسٽ ۽ عمر بن ضيا سينئر سوشل پروٽيڪشن آفيسر به موجود هئا. سينيٽر روبينه خالد انساني وسيلن جي ترقي جي ضرور?? تي زور ڀريندي چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ ضرورت وارا ڪورسز جهڙوڪ هيلٿ ڪيئر ۽ مهمانوازي جي اهمي?? تي زور ڀريو. هن چيو ته حقدارن کي انهن مهارتن سان همڪنار ڪرڻ سان کين پرڏيهه ۾ روزگار جا بهتر موقعا ملي سگهندا جنهن سان انهن جي معاشي حالتن ۾ بهتري ايندي. صوفيه شڪيل بينظير انڪم سپورٽ پر??گر??م جي متحرڪ ۽ اداره جاتي ميڪنزم جي واکاڻ ڪندي اسڪل ڊولپمينٽ جي اهميت کي تسليم ڪيو. هن سپلائي سائيڊ تي مدد لاءِ اي ڊي بي جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ خاص ڪري صوبائي سطح تي تعليم، صحت ۽ غذائيت جي حوالي سان بي آءِ ايس پي سان تعاون وڌائڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ