اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف ع??ي زرداري کي زمبابوي، تاجڪستان، روانڊا، ارجنٽائن، ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ بوٽسوانا جي سفيرن سندون پيش ڪيون ۽ جدا جدا ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، دو??ت ملڪ پاڪستان جي سيڙپڪاري دو??ت ماحول مان فائدو کڻن، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، پاڪستان سمورن دو??ت ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اقتصادي تعاون وڌائڻ، دو??ت ملڪن سان واپاري ڪاٿي کي ڀرپور صلاحيت موجب وڌائڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. صدر اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو. صدر آصف ع??ي زرداري سفيرن کي پاڪستان ۾ بطور سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فو?? جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
صدر آصف علي زرداري کي زمبابوي، تاجڪستان، روانڊا، ارجنٽائن، ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ بوٽسوانا جي سفيرن پاران سندون پيش، ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں