اسلام آب??د – 23 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) پرڏيهي معاملن واري نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ آسيان کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آب??د (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري (آءِ ايس ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود، ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر محمد اظهر مزلان، انڊونيشيا جي سفير ايڊم ايم ٽوگيو، ويٽنام جي سفير نگوين ٽين ڦونگ، ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ کانسواءِ آسي??ن جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي خرم راٺور، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي بي او ڊي جي چيئرمين سفير خالد محمود، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت شبير ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد شعيب خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) علائقائي رابطن جي لاءِ تمام اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان آسي??ن جي سمورن ملڪن سان گڏيل فائدي تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان متاثر سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته سارڪ تنظيم کي آسي??ن جي طرز تي ٺاهيو ويو هو. جيتوڻيڪ ڀارتي رويي سارڪ کي غيرفعال بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان آسيان سان اصولن جي مرڪزيت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازو ئي آسيان ملڪن جي سفارتڪارن جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪيو. هن چيو ته امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ضروري آهي. پاڪستان بلاڪ پوليٽڪس کان پري رهڻ چاهي ٿو ۽ هو ملٽي ليٽرلزم تي يقين رکي ٿو. جليل عباس جيلاني چيو ته پرامن ايشيا پيسفڪ پاڪست??ن جي ترجيح آهي ۽ هو آسيان ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيو آهي. آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي پاڪستان ۽ آسي??ن جي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مستقبل جي امڪانن جي ڳولا جي موضوع تي ٿيندڙ ??ول ميز ڪانفرنس جو اهتمام انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي چائنا پاڪ اسٽڊي سينٽر ڪيو ويو. جنهن ۾ اسلام آب??د ۾ ٿيندڙ آسي??ن جي سفيرن کانسواءِ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، نگران پرڏيهي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آسي??ن جو عالمي امن ۽ سلامتي ۾ اهم ڪردار آهي. 1967ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کان آسي??ن جو علائقائي تعاون ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسي??ن جي و?? ۾ ??اپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستا?? ۾ ??لائيشيا جي هاءِ ڪمشنر ۽ آسيان ڪميٽي اسلام آب??د جي چيئرمين محمد اظهر آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ کي ساراهيندي چيو ته ان سان پاڪستان ۽ آسي??ن جي و?? ۾ ??اڳاپن کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان موسمياتي تبديلي ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. تقريب کي انڊونيشيا جي سفير ايڊم ايم ٽوگيو به خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان کي آءِ ٽي ۽ اقتصادي شعبي ۾ به تعاون وڌائڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن چيو ته آسيان ۽ پاڪست??ن جي و?? ۾ ??راڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ آسي??ن جي و?? ۾ ??اڳاپا اقتصادي تعاون ۽ علائقائي استحڪام جي بنياد تي قائم آهن. ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي و?? ۾ ??ڪ پل طور تي پاڪست??ن جي اسٽريٽجڪ بيهڪ مختلف خط?? ۾ ??اپار ۽ رابطن تي آسي??ن جي ڌي??ن جي تڪميل ڪري ٿو. پاڪستان ۽ آسي??ن جي وچ ۾ گڏيل تعاون مختلف شعبن تائين ڦهليل آهي، جيڪو صنعت، سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پنهنجي عزم کي سگهه ٿو. آسيان ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ حصيداري ايشيائي خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. جاگرافيائي فاصلي جي باوجود آسيان ۽ پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سال?? ۾ ??ڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. پاڪست??ن جي ”ويزن ايسٽ ايشيا“ پاليسي آسيان ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته آسيان پاڪستان کي پنهنجي ٻاهرئين لاڳاپ?? ۾ ??ڪ اهم حصيدار طور اهميت ڏي ٿو. ٻئي ڌريون سفارتي لاڳاپن ۾ اضافي، گڏيل منصوبن ۽ عوامي رابطن جي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. عالمي چئلينجن کي منهن ڏيندي آسيان پاڪستان لاڳاپا علائقائي تعاون ۽ هڪ مستحڪم ۽ خوشحال ايشيا جي لاءِ گڏيل امنگن جو ثبوت آهي. افتتاحي تقريب کانپوءِ ??ول ميز مباحثي ۾ آسيان ملڪن جي سفارتڪارن، پاڪست??ن جي سينيئر عملدارن ۽ ڪاروباري نمائندن به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آب??د ۾ مشنز جي سربراهن سان آسيان ڪارنر جي تختيءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي. تقريب جو مقصد آسيان سان پاڪست??ن جي بدلجندڙ لاڳاپن جو تجزيو ڪرڻ هو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ سان آسي??ن جي ميمبر ملڪن سان پاڪست??ن جي حصيداري کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ پاليسي سفارشون تيار ڪرڻ ۽ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد