اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوار??لح?? ڪاڪڙ حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي آ??ي ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪي?? وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حاجين کي ڪنهن به قسم ج?? مشڪلات نه ٿئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيرا??ظم مذهبي معاملن واري نگران وزير انيق احمد ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري کي پنهنجي نگراني ۾ حج انتظامن جي اڳواٽ تياري جي هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪي??. نگران وزيرا??ظم مذهبي معاملن واري وزارت کي حج 2023ع جي حوالي سان حاجين جي شڪايتن تي ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم مذهبي معاملن واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي گڏيل حصيداري سان حاجين جي سهولتن ۽ شڪايتن جي داخلا لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن ۽ ويب سائيٽ ٺاهڻ ۽ نجي حج ڪمپنين جي حوالي سان شڪايتن تي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ان نظام جي لاءِ سڌاراجاتي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم چيو ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حاجين کي ڪنهن به قسم جُون مشڪلاتُون پيش نه اچن. نگران وزيرا??ظم چيو ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪي?? وڃي. نگران وزيرا??ظم انوار??لح?? ڪاڪڙ حج 2024ع جي لاءِ اڳواٽ تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيرا??ظم کي حج 2024ع جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيرا??ظم مذهبي معاملن واري نگران وزير ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري کي سعودي عرب جو دورو ڪرڻ، پاڻ حج 2024ع جي تياري جي نگراني ڪرڻ ۽ تفصيلي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا