اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خ??تم??، موذي مرضن کان ٻارن کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. و??ير??عظم بل گيٽس سان صحت ۽ سيڪٽر پروگرامن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. و??ير??عظم بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن سان گڏجي جاري تعاون کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وسيلن ۾ سڀني جي شموليت جي لاءِ موجود?? حڪومت خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. بل گيٽس و??ير??عظم شهباز شريف جي قيادت ۽ پوليو جي خ??تم?? لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو وائرس کان ٻارن کان معذور ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور جاري رکندو. و??ير??عظم ۽ بل گيٽس غذائيت جي کوٽ اسٽينڊرڊ گروٿ (اڻ مڪمل واڌويجهه) بيمارين کان بچاءُ جي لازمي خدمتن جي فراهمي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي (راست) ۽ قومي بچاءُ پروگرام کي ڊيجيٽل ڪرڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. و??ير??عظم ۽ بل گيٽس ويجهي تعاون ۽ گڏيل حصيداري سان ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ صحت ۽ ٻين سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.
پوليو جي خاتمي، موذي مرضن کان ٻارن کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ