نٿياگلي -08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، گڏيل سهڪار سان پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ کي قدرتي آفتن کان تحفظ ۾ مدد حاصل ٿيندي. پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لا??ِ مفاهم?? جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ ايم او يو تي صحيون هڪ وڏو قدم آهي جنهن سان مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لا??ِ ٻئي ملڪ ٽيڪنالاجي ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي قدرتي آفتن کان بچڻ لا??ِ آگاهي فراهم ڪرڻ واري جديد نظام سميت ٻين سهولتن جي دستيابي لا??ِ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. هن زور ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب ڏاڍو متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪاربن جي نيڪال ۾ اسان جي ملڪ جو حصو ??نت??ائي ٿورو آهي. وزيراعظم ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان گڏ مختلف شعبن خاص ڪري سياح?? جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان خوبصورت قدرتي نظارن سان مالا مال آهي. سوئس پرڏيهي وزير طرفان خطي ۾ امن و امان جي تاثرن تي وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن و امان جو قيام ??نت??ائي ضرورت آهي ۽ سوئٽزرلينڊ خطي ۾ امن و امان کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني عوام جي فلاح و بهبود لا??ِ ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙي ريت اسان بيروزگاري، غرب?? جي خاتمي ۽ تعليم ۽ آءِ ٽي جي صنعت کي ترقي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ زراع?? جي شعبي کي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي به اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ برداشت نه ٿو ڪري ۽ نه ئي پنهنجا وسيلا ضايع ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي وسيلن سان مل?? جي ترقي جا خواشمند آهيون. وزيراعظم ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير سميت ٻين تڪرارن جو خاتمو خطي ۾ ڊگهي امن و امان کي قائم ڪرڻ لا??ِ اڻٽر آهي. سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير اگنازئيو ڪاسيس چيو هو ته آفتن سان منهن ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ واري مفاهم?? جي يادداشتن تي صحيحن لا??ِ هن کي پاڪستان ۾ موجودگي تي فخر آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيندا. پاڪستان جي قديم ثقافتي تاريخ آهي ۽ هي پنهنجي خوبصورت لينڊ سڪيپس سبب سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سوئيز پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان قدرتي آفتن سبب شديد متاثر ٿي رهيو آهي جنهن سانه رڳو انساني آبادي پر زراعت ۽ بنيادي ڍانچي جو شعبو به بري طرح متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سهڪار جي مفاهمت هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته پاڪستان کي درپيش خطرن کي گهٽ ڪرڻ لا??ِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري. 2010ع ۽ 2022ع ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب پاڪستان شديد متاثر ٿيو. سوئز پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو ملڪ پنهنجي تجربن ۽ وسيلن سان نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏن سبب جاني ۽ مالي نقصان تمام گهڻو آهي. هن چيو ته اسان شراڪتداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. عالمي ذميواريون آهن ته اسان متحد ٿي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لا??ِ قدم کڻون. ان کان پهرين وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سوئيز پرڏيهي وزير جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لا??ِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون.
پاڪستان دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، گڏيل سهڪار سان پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ کي قدرتي آفتن سان تحفظ ۾ مدد حاصل ٿيندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔