اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق ??نجراڻي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان کي سڄي دنيا ۾ نفرت جي خلاف م??حد ٿيڻ ۽ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وقتي صدر محمد صادق ??نجراڻي چيو ته آئون عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سوئيڊن ۾ هڪ مسجد جي ٻاهران قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي شديد مذمت ڪريان ٿو، بطور مسلمان اسان سمورن مذهبن جي احترام کي برقرار رکون ٿا ۽ اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ان عمل کي جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، اچو اسان نفرت جي خلاف م??حد ٿي وڃون ۽ سڄي دنيا ۾ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيون.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری