اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد رياست جي 75هين تاسيس ڏهاڙي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڪشمير?? عوام آزادي جي جدوجهد جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد رکيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪشمير?? عوام ڀارتي قبضي کان آزادي چاهي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جو سفر اڃا جاري آهي. ڪشمير?? عوام پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. اسپيڪر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير?? عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل جاري ڪري گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت غيررياستي رهواسين کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوميسائيل جاري ڪري مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشمير?? عوام جا حوصلا ڪمزور ن?? ٿا ڪري سگهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀرپور طريقي سان آواز بلند ڪري رهيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڀارتي حڪومت جي رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ پارليامينٽ سدائين ڪشمير جو ڪيس هر فورم تي ڀرپور انداز ۾ وڙهيو آهي. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو ڪشمير?? عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ضروري آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد رياست جي 75 هين تاسيس ڏهاڙي تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن