اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي ??ڪو??ت ايل اين جي جا ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪرڻ ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي آهي جنهن جي ڪري اڄ بجلي ۽ گئس ??ي لوڊشيڊنگ درپيش آهي، انشاءَ الله قوم کي هن مشڪل مان ڪڍنداسين، اڳوڻي ??ڪو??ت سستي گئس ??ريد ڪرڻ جو موقعو ڄاڻي واڻي وڃايو، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ اسان جي ذميواري آهي، قطر سان ڪيل شفاف معاهدي کي اڳوڻي ??ڪو??ت تنقيد جو نشانو بڻايو، اڳوڻي ??ڪو??ت بجلي جي پ??ان??س جي مرمت نه ڪرائي. ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته لوڊشيڊنگ ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي ڪوششن جا اڃا تائين خاطرخواهه نتيجا نه نڪري رهيا آهن، گذريل ??ڪو??ت بجلي جي پ??ان??س جي مرمت نه ڪرائي، بند پيل پ??ان??س کي اسان جي ??ڪو??ت سخت محنت سان مرمت ڪري هلايو. هن چيو ته هن وقت ٻارڻ جو تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، تيل ۽ گئس ??ون قيمتون عالمي منڊين ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي آهن، اسان کي اهو سوچڻو پوندو آهي ته ايتري مهانگي تيل ۽ گئس ??ي بجلي ٺاهيون ته ان تي ڪيترو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيندو، اسان هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان خام مال ۽ مشينري جي درآمد تي پابندي هنئي ته جيئن اڍائي کان ٽي ارب ڊالر ساليانو بچت ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل ۽ گئس ??ون قيمتون بلند ترين سطح تي ٿيڻ جي ڪري اسان ايل اين جي جي لاءِ جيڪي ٽينڊر ڏنا ان ۾ ڪجهه ٽينڊرز ۾ ڪا بڊ ئي ناهي آئي، جيڪا بڊ آئي ان ۾ 40 ڊالر في يونٽ گئس مهانگي ملي رهي آهي. هن چيو ته ان جي سببن کان اسان سٺي طرح آگاهه آهيون جڏهن ته ان بحران مان پاڪستان کي ڪڍنداسين. هن چيو ته گذريل ??ڪو??ت پنهنجي سياسي مخالفن کي ديوار سان لڳائڻ جي لاءِ لڳايل وقت جو اڌ به ان تي هڻي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ اسان 13 ڊالر جو معاهدو ڪيو جڏهن ته ان تي ايتري الزام بازي ڪئي وئي ته قطر ان شفاف معاهدي تي تنقيد جي ڪري پريشان ٿي ويو، اسان اهو معاهدو 15 سالن جي لاءِ جڏهن ته 10.4 ڊالر تي 5 سالن جي لاءِ معاهدو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن گذريل ??ڪو??ت ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪري ها ته اڄ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها، هن گئس ??ريداري ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي، 6.5 ڊالر ۾ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا، ان ۾ ايتري سياسي بصيرت به نه هئي، اسان ڏينهن رات سخت ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته ان تي ضابطو آڻيون. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن بجلي نه هجي ته عوام بددعائون ڏيندي آهي ۽ جيڪڏهن انڊسٽري کي گئس نه ملي ته روانگي واکار ڏچڪو لڳي ٿو، هي هڪ مشڪل چئلينج آهي ان جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته عظيم دوست چين جي تعاون سان سي پيڪ تحت ڪوئلي جا پ??ان?? لڳا آهن، آفريقا ۾ هن وقت ڪوئلي جون قيمتون بلند ترين سطح تي آهن، مشڪل صورتحال مان الله چاهيو ته ضرور نڪرنداسين. هن چيو ته چين جي حوالي سان ريوالونگ اڪائونٽس نه کولڻ تي چين کي گذريل هڪومت جي ان قدم تي اعتراض هو، سيمنز ڪمپني ساڍا 12 سئو ميگاواٽ جو پ??ان?? لڳايو، اڍائي سال اڳ اهو پ??ان?? هلڻ گهرجي ها پر بند پيو آهي، جنهن جي ڪري 30 کان 40 ارب رپيا ضايع ٿيا?? پن بجلي جي منصوبن ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي وئي، اهو چئلينج اسان کي ورثي ۾ مليو، ان کي اسان کي حل ڪري پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍڻو آهي اهو وقت پري نه آهي جڏهن لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي.
اڳوڻي حڪومت جي مجرماڻي غفلت سبب اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر