فيصل آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڏينهن رات عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ تمام وڏي فوڊ سپورٽ پروگرام جو اعلان ٿيڻ وارو آهي جنهن تحت هيلٿ ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ، سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ ۽ ليبر ڪارڊ وانگر راشن ڪارڊ ذريعي غريب ماڻهن کي فوڊ سپورٽ پروگرام تحت اربين رپين جي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني ويندي. هو 7 ڪروڙ رپين جي لاڳت سا?? پنهنجي تڪ نيابت اين اي 108 فيصل آباد جي علائقي فيڪٽري ايريا ۽ سر سيد ٽائون ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاح، گورنمينٽ سول ڊسپينسري فيڪٽري ايريا جي ٻيهر تعمير، سيوريج لائين گنيش مل روڊ کان شفيع چوڪ ۽ گيان ملز، عزيز ڪالوني ۽ لال ملز چوڪ جي رستن جي ڪارپيٽنگ ۽ پي سي سي گهٽين جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ??مران خان کي غريب ماڻهو خاص طور تي ڪرائي جي گهرن ۾ رهندڙن جو تمام گهڻو خيال آهي جن جو نه گهر پنهنجو نه زمين پنهنجي نه ڇت پنهنجي آهي تنهن ڪري عمران خان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بئنڪن کي پابند ڪيو ته ??هڙي طرح اهي وڏن وڏن بزنس مينن، سيڙپڪارن، صنعتڪارن ۽ ٻين شعبن کي قرض ڏين ٿيون اهڙي طرح اهي پنهنجي گهر جي تعمير جي لاءِ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پڻ قرض ڏين جنهن تي سمورين بئنڪن قرضن جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ هيستائين 200 ارب رپين جي قرضن جي لاءِ 57 هزا?? درخواستون ملي چڪيون آهن جن مان 180 ارب رپين جا قرض منظور ۽ 19 ارب رپين جا قرض جاري پڻ ٿي چڪا آهن اهڙي طرح هاڻي لکين بي گهر ماڻهن جو پنهنجو گهر پنهنجي زمين پنهنجي ڇت جو خواب پورو ٿيندو. هن چيو ته ٻيو وڏو مسئلو صحت جي لاءِ وسيلن جي فراهمي جو آهي ڇو ته ڪيترائي غريب ماڻهو علاج جي سگهه نه هجڻ سبب الله کي پيارا ٿي ويندا هئا پر هاڻي ائين نه ٿيندو ڇو ته ??هڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ جاري ٿي چڪو آهي اهڙي طرح ايندڙ مهيني ڊسمبر جي آخر تائين پنجاب جي سموري آبادي ۽ هر خاندان کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو جنهن سا?? اهي سا??يانو 10 لک رپين تائين پنهنجو ۽ پنهنجي گهرڀاتين جو پسند جي اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي سگهندا ۽ هاڻي ڪنهن جو پيارو بنا علاج جي الله کي پيارو نه ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته ??ڪومت کي مهانگائي جي حوالي سا?? عوام جي پريشاني جو تمام گهڻو احساس آهي پر جيئن ته ??المي سطح تي گذريل 50 سا??ا مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن. هن چيو ته ??سان اسحاق ڊار وانگر پيٽرول تي 50 رپيا في ليٽر ٽيڪس نه وٺي رهيا آهيون پر اسان پنهنجي روينيو ۽ ٽيڪسز ۾ جيترو ٿي سگهيو گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي. هن چيو ته ??نشاءَ الله وزيراعظم جي فوڊ سپورٽ پروگرام جي اعلان سا?? گهٽ آمدني وارن خاندانن ۽ غريب ماڻهن کي زبردست ريليف ملندو ڇو ته ??نهن کي سبسڊي رکندڙ راشن ڪارڊ ملڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته ??ڄ مخالف ڌر حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي پر ڪالهه اهي ئي ماڻهو ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ويا ۽ ڊيفالٽ جي ويجهو پهچائڻ سميت ان جون پاڙون کوکليون ڪري ويا هئا ان لاءِ انهن کي گهرجي ته ??يڪڏهن انهن کي عوام جو ايترو ئي درد آهي ته ??هي مل?? ۽ ??وم جو ڦريل اربين رپين جو سرمايو ٻاهرئين ملڪن مان واپس پاڪستان آڻين ته ??يئن هتان جي عوام کي مناسب ريليف ملي سگهي. اطلاعا?? ۽ ??شريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان جي مانچسٽر ۽ ٽيڪسٽائيل حب فيصل آباد کي ٽيڪسٽائيل ۽ پاور لومز جو قبرستان بڻايو ويو هو پر اسان جي حڪومت جي حڪمت عملي سا?? هاڻي اهو ٻيهر ٽيڪسٽائيل جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي ۽ هتي انڊسٽري جو ڦيٿو هلڻ سميت ايڪسپورٽ ۾ اضافو ۽ رڪارڊ ٽيڪس پڻ گڏ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي اسان جي ڪوششن سا?? آبادگار خوشحال ٿي رهيو آهي ۽ ان کي هلندڙ سا?? 1100 ارب رپيا اضافي مليا آهن جڏهن ته هن ڀيري اسان جي ڪمند جي فصل پڻ انتهائي شاندار ٿي آهي جنهن سا?? هلندڙ مهيني نومبر ۾ شگر ملز هلڻ ۽ ڪريشنگ سيزن شروع ٿيڻ سا?? ڪيترائي ڀيرا اضافي کنڊ پيدا ٿيندي ۽ کنڊ جا اگهه به گهٽ ٿيندا. فرخ حبيب چيو ته ڪپهه جي فصل 6 ملين مان وڌي ساڍا 9 ملين تائين پهچي وئي آهي، مڪئي جي پيداوار ۾ 18 سيڪڙو، چانور جي پيداوار ۾ 19 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي اهڙي طرح پهريون ڀيرو اوليو آئل جي لاءِ وڻ لڳايا پيا وڃن جنهن جي لاءِ هڪ ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو پڻ ڪيو ويندو. هن چيو ته ??سان هن ڀيري نه رڳو ڪڻڪ جي شاندار پيداوار ۾ پاڻڀرا ٿي وينداسين پر ان جي برآمدات جي ذريعي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائينداسين. هن چيو ته 1967ع کانپوءِ ملڪ ۾ ڪو وڏو ڊيم نه ٺهيو پر اڳوڻن چور ۽ ڦورو حڪمرانن مهانگي ترين بجلي جا اهڙا معاهدا ڪيا جو بجلي ٺهي نه ٺهي، عوام بجلي وٺي يا نه وٺي اسان کي انهن کي ڪيپسٽي پيمنٽ ڪرڻي آهي. هن چيو ته ??يندڙ سا?? تائين انهن مهانگن بجلي گهرن جي ڪيپيسٽي پيمنٽ 1500 ارب رپيا ٿي ويندي پر ان جي ابتڙ اسان جي حڪومت تربيلا کانپوءِ پهريون ڀيرو ديامير ڀاشا ڊيم، داسو ڊيم ۽ مهمند ڊيم سميت 10 نوان ڊيم تعمير ڪري رهي آهي جن جي مڪمل ٿيڻ سا?? 10 هزار ميگاواٽ سستي بجلي پيدا ٿيندي. فرخ حبيب چيو ته ??رداري، نواز شريف، شهباز شريف قوم جا اربين رپيا ڦري لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ محل ۽ ملڪيتون ٺاهيون پر عمران خان نه لنڊن ۾ ملڪيت ٺاهي نه محل تعمير ڪيا پر سندس جيئڻ مرڻ عوام سا?? گڏ آهي ۽ هو ڏينهن رات عوام جي لاءِ محنت ۽ ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ۽ ان جي عوام ترقي ڪري خوشحال ٿي سگهي. هن چيو ته ??مران خان جو مقصد غريب عوام کي غربت جي لڪير کان مٿي آڻڻ آهي جنهن جي لاءِ هو پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته وڏيون وڏيون امپورٽيڊ گاڏيون، وڏا وڏا مهانگا بيگ کڻي ۽ مهانگا ترين لباس پائي عوام جو ڏک ختم نه ٿو ڪري سگهجي تنهن ڪري جيڪڏهن عوام جا ڳوڙها سڪائڻا آهن ته ??نهن جو ڦريل سرمايو واپس ڪريو ته ??يئن توهان وانگر انهن جي حالت به بهتر ٿي سگهي. فرخ حبيب چيو ته ??لله جي فضل سا?? آٽو موبائيل، سيمنٽ، انجنيئرنگ، ڪنسٽرڪشن، انرجي سميت سمورا سيڪٽر ترقي ڪري رهيا آهن جنهن سا?? معيشت کي استحڪام ملي رهيو آهي ۽ اسان معيشت کي سسٽين ايبل گروٿ ڊيولپمينٽ طرف وٺي وڃي رهيا آهيون جنهن سا?? ملڪ ۾ جلد خوشحالي ايندي. اطلاعا?? ۽ ??شريات واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت رڳو زباني دعوائن بدران ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته هيلٿ ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام تحت 34 پروگرامن سا?? هر طبقي جي عوام کي ريليف ملي رهيو آهي اهڙي طرح نوجوان طبقي جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت قرضن سا?? نوجوان طبقو پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪري پاڻڀرو ٿي سگهندو. هن چيو ته ??نشاءَ الله خدمت جي ان مشن کي پوري محنت، لگن ۽ جوش ۽ جذبي سا?? جاري رکنداسين. هن چيو ته ??مران خان مختلف مافياز جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ۽ مل?? ۽ ??وم جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو ويندو. هن تڪ جي حوالي سا?? چيو ته ??ئون توهان جي مسئلن کي ڄاڻان ٿو ۽ توهان جي علائقي جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ منهنجي ترجيح آهي. هن چيو ته ??يلوي روڊ جي اين او سي وٺي روڊ تعمير ڪرائينداسين ۽ هڪ ڪروڙ 20 لک جي لاڳت سا?? سيوريج لائين مڪمل ٿيندي. فرخ حبيب چيو ته ??ين اي 108 جي هر يونين ڪائونسل ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳائي رهيا آهيون جن ۾ ڪيترائي پلانٽ چالو ٿي ويا آهن ۽ باقي جي تنصيب پڻ جلد ٿي ويندي. هن چيو ته ??ندس مشن تڪ کي پارڪس جو ڳڙهه بڻائڻ آهي ته ??يئن ماڻهن کي صاف سٿري سير ۽ تفريح جون سهولتون ملي سگهن جنهن جي لاءِ قدم جاري آهن. فرخ حبيب چيو ته فيصل آباد جي ترقي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن جن جا ثمر جلد اچڻ شروع ٿي ويندا.
وزيراعظم عمران خان ڏينهن رات عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II