اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ايران سرحد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي، سرحد تي سيڪيورٽي ۾ اضافي، سرحدي مارڪيٽس قائم ڪرڻ سان علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل مح??د بگهيري سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان سان ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل مح??د بگهيري ڪالهه اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم عمران خان ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل مح??د بگهيري جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جي موقعي تي دوشنبي ۾ ايراني صدر رئيسي سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون جي فروغ جو محرڪ ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جو فروغ پڻ ض??ور?? آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران سرحد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي. هن سرحد جي ٻنهي طرفن سيڪيورٽي ۾ اضافي جي لاءِ کنيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ انهن مارڪيٽن ۾ ڪاروبار جي شروعات علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪ ايران سرحد تي ٻه وڌيڪ سرحدي ڪر??سنگ پوائنٽس کوليون ويون آهن جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن اچ وڃ جي سهولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ايران جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر جي ان حوالي سان موقف کي ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد جي لاءِ هڪ مضبوط سپورٽ سمجهن ٿا. وزيراعظم عمران خان ايران جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان ضرورت تي زور ڏنو ته افغانستان جو پاڙيسري هجڻ جي ڪري افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان پاڪستان ۽ ايران سڌوسنئون متاثر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان افغانستان کي هڪ پرامن ۽ مستحڪم ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو جنهن جي معيشت پائيدار هجي ۽ افغانستان رابطن جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿئي. وزيراعظم عمران خان عاليم برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان مث??ت اميدون رکندي انساني بنيادن تي فوري طور تي امداد فراهم ڪري ۽ افغانستان کي معاشي ڏيوالپڻي کان مح??وظ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪري. هن افغانستان جي مالي اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن جنهن سان سخت سرديءَ جي مو??م جي اچڻ کان اڳ ان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ افغان عوام جي مدد ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ قومي مصالحت ۽ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته گذريل مهيني افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن تي ٻڌل قائم ڪيل پليٽ فارم تي پاڪستان ۽ ايران جي ويجهي حصيداري ض??ور?? آهي. وزيراعظم عمران خان ايراني صدر رئيسي جي لاءِ مبارڪباد جو پيغام پڻ ڏنو ۽ ان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي پڻ ورجايو.
پاڪستان ايران سرحد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي، سرحد تي سيڪيورٽي ۾ اضافي، سرحدي مارڪيٽس قائم ڪرڻ سان علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ