اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ مو??ود غير ملڪي صحافين کي ڪڍڻ جي حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اطل??عا?? ۽ نشريا?? وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطل??عا?? واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطل??عا?? ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير وزيراعظم کي افغانستان ۾ مو??ود صحافين جي نڪرڻ جي حوالي سان اطل??عا?? واري وزارت جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. غير ملڪي صحافين جي پاڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. اطل??عا?? واري وزير ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي پيش نظر صحافين جي سهولت لاءِ اطل??عا?? واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي س??هج??، وزيراعظم عالمي صحافي برادري جي سهولت خاطر اطل??عا?? واري وزارت خاص طور تي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha